مهانگائيءَ جي ٻوڏ، هلندڙ هفتي 29 شين جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد: ڳڻپ واري اداري مهانگائيءَ بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي اڃا وڌي وئي.

ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي ۾ 1.38 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائيءَ جي مجموعي شرح 14.48 سيڪڙو ٿي وئي.

هڪ هفتي دوران 29 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، ٽماٽو 27 رپيا 56 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو، ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 154 رپيا 15 پئسا، گيهه 6 رپيا 67 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو.

رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران کنڊ في ڪلو 42 پئسا مهانگي ٿي، جڏهن ته پيٽروليم شيون، ٿوم، پٽاٽا، بيضا، کير، ڏهي، ٻاڪرو گوشت ۽ ماش جي دال به مهانگي ٿي.

هڪ هفتي دوران 7 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي، 20 ڪلو اٽو 2 رپيا 19 پئسا سستو ٿيو، جڏهن ته چڻن جي دال، مڱن جي دال، بصر ۽ ڳُڙ به سستو ٿيو.

ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تازي هفتي 15 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔