حماد اظهر جو بجلي پهچ جي نظام ۾ وڏي سيڙپڪاري جو اعلان

اسلام آباد: توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر بجلي پهچ جي نظام ۾ 111 ارب رپين جي وڏي سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد مان جاري بيان ۾ حماد اظهر چيو ته بجلي پهچ جي نظام ۾ 111 ارب رپين جي سيڙپڪاري ٽن سالن ۾ اين ٽي ڊي سي ذريعي ڪئي ويندي.

هن ٻڌايو ته سيڙپڪاري کانپوءِ قومي گرڊ مان بجلي جي پهچ جي صلاحيت ۾ واڌ ٿيندي، اها صلاحيت 2023 ۾ 28 هزار 750 ميگا واٽ ٿي ويندي.

سندس چوڻ هو ته قومي گرڊ جي بجلي پهچ جي صلاحيت 2024 ۾ 31 هزار 500 ميگا واٽ تائين وڌي ويندي، جڏهن ته 2018 ۾ بجلي جي پهچ جي صلاحيت 20 هزار 811 ميگا واٽ هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔