حڪومت سڄي ملڪ مان ڪرپٽ ۽ پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن جا تفصيل گهري ورتا

اسلام آباد: وفاقي حڪومت سڄي ملڪ مان ڪرپٽ ۽ نيب سان پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن جا تفصيل گهري ورتا، جنهن لاءِ سڀني صوبائي حڪومتن کي خط لکيو ويو آهي.

وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪرپٽ ۽ نيب سان پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جا تفصيل گهري ورتا آهن، ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سڀني صوبائي حڪومت کي خط به لکيو آهي، جنهن ۾ پڇيو ويو آهي ته ڪهڙن ڪهڙن آفيسرن نيب کي والنٽري ريٽرن تحت اثاثا واپس ڪيا يا پلي بارگين ڪئي آهي.

ذريعن موجب حڪومت طرفان اها چيو ويو آهي ته جن جن آفيسرن والنٽري ريٽرن ۽ پلي بارگين ڪئي آهي، انهن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.

حڪومت آگسٽ ۾ چئني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي ليٽر لکي آفيسرن جا تفصيل گهريا هئا، جيڪي اڃا تائين ناهن ملي سگهيا، جنهن تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هڪ ڀيرو ٻيهر خط لکندي چيو آهي ته جيڪا ڄاڻ گهري وئي، اها جلد کان جلد ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔