نااهلن هٿان ملڪ کي يرغمال رهڻ نه ڏينداسين: خواجا سعد رفيق

لاهور: ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عام واهپي جون شيون مهانگيون نه صفا مهانگيون ڪيون ويون آهن، نااهل حڪمرانن هٿان ملڪ يرغمال رهڻ نه ڏينداسين.

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ ن ليگ پنجاب جي تخت گاهه لاهور ۾ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ خواجا سعد رفيق، اياز صادق سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي خواجا سعد رفيق خطاب ڪندي چيو ته عام واهپي جون شيون مهانگيون نه صفا مهانگيون ڪيون ويون آهن، پي ٽي آءِ ترقي ڪندڙ پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته انهن نالائقن، نااهلن ۽ ادارن کي تباهه ڪندڙ حڪمرانن هٿان پاڪستان کي يرغمال رهڻ نه ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔