شهباز شريف جي عوام کي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل

لاهور: قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف عوام کي مهانگائي خلاف ملڪ گير احتجاجي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جو مطلب عوام جي وڌيڪ تباهي، وڌيڪ مهانگائي، وڌيڪ بيروزگا آهي.

هن چيو ته ظالم حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کانسواءِ ملڪ ۽ عوام جي معاشي حالت نه سڌرندي.

شهباز شريف عوام کي مهانگائي خلاف ملڪ گير احتجاجي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل به ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔