وفاقي وزير جو عهدو ختم، شوڪت ترين وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر

اسلام آباد: اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين کي وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.

وفاقي وزير طور شوڪت ترين جو مدو قومي اسيمبلي ۾ چونڊجڻ کان سواءِ ختم ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ کيس ناڻي وارو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.

شوڪت ترين کي وزير اعظم جو ناڻي وارو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي ۽ سندس عهدو وفاقي وزير جي برابر هوندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزير جي عهدي تان هٽڻ کانپوءِ شوڪت ترين اقتصادي رابطا ڪميٽي ۽ ايڪنڪ سميت ٻين ڪميٽين جي سربراهي نه ڪري سگهندو جڏهن ته کيس ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم جي خاص اجازت جي ضرورت پوندي.

آئين جي آرٽيڪل 91 جي تحت، اڻ چونڊيل شخص کي 6 مهينن لاءِ وفاقي وزير بڻائي سگهجي ٿو، پر  ڪابينا ۾ رهڻ لاءِ اڻ چونڊيل شخص کي سينيٽر يا قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻجڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ هو 6 مهينن کانپوءِ ڪابينا ۾ نه رهي سگهندو.

هن کان اڳ حفيظ شيخ به اڻ چونڊيل ناڻي وارو وزير هو، جنهن کي سينيٽ چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ عهدي تان هٽايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔