والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ڏاڍ جاري، وڌيڪ 4 ڪشميري شهيد

سرينگر : والاريل ڪشمير ۾ قابض فجو جون ظالماڻيون ڪارروائيون جاري آهن ۽ وڌيڪ 4 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب پونڇ ضلعي ۾ ڀارتي فوج فائرنگ ڪري وڌيڪ 4 ڪشميري شهيد ڪيا، علائقي ۾ قابض سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن ستين ڏينهن به جاري آهي.
ڪشمير ميڊيا سروس ٻڌايو ته قابض ڀارتي فوج جي جاري هٿردو آپريشن دوران هلندڙ مهيني هيل تائين 20 ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔