گيس بحران: نوان ڪنيڪشن ڏيڻ تي پابندي، اضافي اوڳاڙي لاءِ قانون آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي حڪومت امپورٽ ايل اين جي گيس جي مد ۾ گيس صارفين کان اضافي رقم وصول ڪرڻ جا گيس سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي اختيار ڏيڻ جو جلد قانون آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، توانائي جي وزير حماد اظهر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته دنيا ۾ امير ملڪ هجن توڙي غريب ملڪ، آمريڪا هجي يا چين، برطانيا يا پورو يورپ توڙي ڀارت، هر هنڌ گيس جو بحران آيل آهي،

گيس جون قيمتون تمام وڌي ويون آهن ان سان گڏ گيس سپلاءِ به گهٽ ٿي وئي آهي، پر پاڪستان ۾ ان سطح جو گيس بحران نه آيو آهي، برطانيا ۾ 500 سيڪڙو گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، يورپ ۾ ڏهوڻ تي قيمتون وڌيون آهن، پر پاڪستان ۾ 2019ع کانپوءِ گيس جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿيو آهي، هن چيو ته هن سال لاءِ ايل اين جي جي فراهمي لاءِ واڪ نه اچڻ جو سبب به گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته گذريل 10 سالن کان هر سال مقامي گيس ذخيرن ۾ 9 سيڪڙو جي حساب سان گهٽتائي ٿي رهي آهي، گهرن کي گيس فراهمي وارين اسڪيمن تي نظرثاني ڪري رهيا آهيون،

سڄي ملڪ ۾ نوان گيس ڪنيڪشن ڏيڻ تي پابندي لڳائي رهيا آهيون، هن اعتراف ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪل آبادي مان رڳو 28 سيڪڙو آبادي کي گيس جي فراهمي ٿي رهي آهي، 72 سيڪڙو آبادي کي گيس جي سهولت موجود ئي ناهي، هن چيو ته گيس جي قيمتن جو نظام تبديل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، گيس سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي هر سال 40 کان 50 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو جيڪو امپورٽ ٿيل مهانگي ايل اين جي جي مد ۾ نقصان ٿي رهيو آهي،

موجوده قانوني ڍانچي سبب اهي وصوليون نه ٿي رهيون آهن، جلد قانون سازي ڪنداسين، جنهن تحت امپورٽ ٿيندڙ مهانگي ايل اين جي جي حوالي سان گيس سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنيون خرچ ٿيندڙ اضافي رقم وصول ڪري سگهنديون، اڳوڻي حڪومت گيس فراهمي لاءِ پائيپ لائين وڇائي ڇڏيون، هاڻي انهن کي گيس فراهم ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي پر اسان گيس فراهمي جو واعدو تڏهن ڪنداسين جڏهن گيس موجود هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔