هفتي دوران گيهه، ٽماٽن ۽ پٽاٽن سوڌو 22 شيون مهانگيون

اسلام آباد: وفاقي حڪومت جي اداري شماريات کاتي ملڪ اندر مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽجاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ تصديق ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ ڪالهه مڪمل ٿيل هفتي دوران مهانگائي ۾ 0.20 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي،

جنهن کان پوءِ مهانگائي جي شرح وڌي 12.66 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته سڀ کان گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ مهانگائي جي شرح 14.12 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هفتي دوران 22 عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، هڪ هفتي اندر ٽماٽن جي في ڪلو قيمتن ۾ 10 رپيا 67 پيسا واڌ ٿي،

پٽاٽن جي قيمتن ۾ 59 پيسا واڌ ٿي، گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 2 رپيا 99 پيسا، ننڍي گوشت جي قيمتن ۾ 4 رپيا 58 پيسا، ايل پي جي جي گهريلو سيلينڊر جي قيمتن ۾ 43 رپيا 96 پيسا اضافو ٿيو، ائين کاڄرو تيل، ٿوم، وڏي گوشت جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو،

رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويوآهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلو جي قميت هڪ سئو رپيا 33 پيسا تي پهتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔