پيرجوڳوٺ: عدالت زال کي خرچ نه ڏيڻ تي مڙس کي جيل اماڻي ڇڏيو

پيرجوڳوٺ: ڪنگري جي عدالت زال کي خرچ نه ڏيڻ تي مڙس کي جيل اماڻي ڇڏيو آهي

مريد ناريجو ڪجهه عرصو پنهنجي گهرواري ۽ 5 ٻارن جي ماءُ پروين ناريجو کي طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو.

مسمات پروين ناريجو مڙس خلاف عدالت پهتي هئي جنهن تي عدالت مڙس مريد ناريجو کي هر مهيني گهرواري کي 18 هزار خرچ ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو هو.

مڙس پاران عدالتي فيصلي کي نه مڃڻ تي عدالت کيس هڪ مهيني تائين جيل موڪلي ڇڏيو.

عدالت پاران حڪم ڏنو ويو جيستائين گهر واري کي هڪ لک اسي هزار ادا نه ڪئي ويندي جوابدار کي آزاد نه ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔