سنڌ هاءِ ڪورٽ عهدن تان هٽايل نيب زده آفيسرن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي: سنڌ ھاء ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ عھدن تان ھٽايل نيب زدہ آفيسرن بابت سنڌ سرڪار کان جمعي ڏينھن رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، عدالت حڪم ڏيندي چيو تہ نيب زدہ ڪنھن بہ آفيسر کي عدالتي حڪمن جي ابتڙ عھدو ڏنو ويو تہ چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن خلاف توھين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي ويندي، عدالت پاران چيف سيڪريٽري ۽ تمام کاتن جي سيڪريٽرين کي ھدايت ڪئي وئي آھي تہ نيب زدہ آفيسرن کي عھدن تان ھٽائڻ بابت عدالتي حڪم تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. اياز ميمڻ جي آئيني درخواست تي ٻڌڻي دوران نيب پاران نيب ڪيسز کي منھن ڏيندڙ سنڌ سرڪار جي آفيسرن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي جنھن کي عدالت رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو، جنھن تي عدالت نيب ڪيسز کي منھن ڏيندر سمورين ھٽايک آفيسرن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، عدالت چيو تک سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ سمورن کاتن جا سيڪريٽري گذريل عدالتي حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائن، عدالت چيو تہ آئندہ ڪنھن بہ نيب ڪيس کي منھن ڏيندڙ آفيسر کي پوسٽنگ ڏني وئي تہ توھين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي، ان حوالي سان نيب آرڊيننس جي چيلنج ڪيل سيڪشنز بابت درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ھيٺ آھن جيستائين سپريم ڪورٽ جو ڪو فيصلو نہ ٿو اچي تيسيتائين ھاء ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ياد رھي تہ 28 آڪٽوبر 2020 تي سنڌ ھاء ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ نيب ڪيسز کي منھن ڏيندڙ آفيسرن کي عھدن تان ھٽائڻ جو حڪم ڏنو ھو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔