عذير بلوچ رينجرز اهلڪارن کي قتل ڪرڻ جو اعترافي بيان ڏنو هو: جڊيشل ميجسٽريٽ

ڪراچي: عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف ٻن رينجرز اهلڪارن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. لياري گينگ وار جي اڳواڻ عزير بلوچ جو اعترافي بيان رڪارڊ ڪندڙ جڊيشل مئجسٽريٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن عذير بلوچ جي اعترافي بيان جي تصديق ڪئي، هن چيو ته هن جوابدار عزير بلوچ جو اعترافي بيان رڪارڊ ڪيو هو.سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدار عزير بلوچ پنهنجي اعترافي بيان ۾ رينجرز اهلڪارن جي قتل جو اعتراف ڪيو آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جوابدارن خلاف ڪيس 2013 کان التوا ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔