سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت 318 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، چيف سيڪريٽري پاران ڊپٽي ڪمشنرن کي ڊي آر سي اجلاس گھرائڻ جي هدايت، ان حوالي سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري ممتاز شاھ جي صدارت هيٺ فوتي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، گھرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سميت لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، اجلاس دوران اجلاس دوران مختلف کاتن ۾ 318 نوڪرين جي منظوري ڏني وئي، صحت کاتي ۾ 48، روينيو ۾ 7 ۽ مڪاني کاتي ۾ 45، اسڪول ايجوڪيشن ۾ 110، ورڪس اينڊ سروسز ۽ ايڪسائيز کاتن ۾ 8_8، خوراڪ کاتي ۾ 5، ڪاليج ايجوڪيشن ۾ 10، پاپوليشن ويلفيئر ۾ 2، آبپاشي کاتي ۾ 50، گهرو کاتي ۾ پڻ 1، اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ 1، لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ 4، پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ کاتي ۾ 3، ثقافت ، قانون کاتي ۽ اوقاف کاتن ۾ هڪ هڪ ۽ زراعت کاتي ۾ 12 نوڪرين جي منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته سنڌ ڪابينا فوتي ڪوٽا جي حوالي سان پاليسي ۾ 60 ڏينهن ۽ ٻن سالن واري شرط ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ان حوالي سان چيف سيڪريٽڙي پاران قانون کاتي جي اختيارين هدايت ڪئي ته ان حوالي سان جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري سمورن سيڪريٽرين کي فوتي ڪوٽا جي درخواستن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪميٽي جيڪي ڪيس پهريان منظور ڪيا انهن جون پگهارون جاري ڪيون وڃن. هن سمورن ضلعي ڊپٽي ڪمشنرن کي ڊي آر سي اجلاس گهرائڻ جي پڻ هدايت ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔