پاڪستان ڪرڪيٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وائرس جو حملو

پاڪستان ڪرڪيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وائرس جي وڪڙ ۾ اچي وئي.
لاهور ۾ شروع ٿيندڙ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي ٻئي مرحلي دوران چئن ڪرڪيٽرن جي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري اچي ويو آهي.
بلوچستان جي رانديگرن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ کانپوءِ اڄ شام بلوچستان ۽ ناردرن ۾ ٿيندڙ ميچ کي ملتوي ڪيو ويو آهي، ترميمي شيڊيول موجب ناردرن جي ٽيم اڄ سدرن خلاف کيڏندي، جڏهن ته بلوچستان ۽ ناردرن جي ميچ هاڻ 9 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.
پي سي بي چئني ڪرڪيٽرن کي 10 ڏينهن لاءِ قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي، بائيو سيڪيور ببل ۾ موجود سڀني شرڪت ڪندڙن جي ڪورونا ٽيسٽ اڱاري تي ڪئي وئي هئي ۽ اسڪواڊ ۾ شامل باقي سڀني رانديگرن جي ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري آيو آهي.
7 آڪٽوبر تي بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ميچ پنهنجي شيڊيول موجب ٿيندي، بلوچستان جي سيڪنڊ اليون اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر ان ميچ لاءِ پنهنجي فرسٽ اليون کي دستياب هوندا، اهي رانديگر هڪ کان ٻئي ببل ۾ منتقل ٿي ويندا پر ان دوران انهن جي ڪورونا ٽيسٽ پڻ ٿيندي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اعلانيل قومي اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر ۽ سپورٽنگ اسٽاف ميمبر 7 آڪٽوبر تائين نيشنل ٽي ٽوئنٽي ۾ شرڪت ڪري سگهندا، 8 آڪٽوبر کان اها ورلڊ ڪپ لاءِ ٺاهيل ڌار ببل ۾ منتقل ٿي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔