معذور نياڻي جو خرچ برداشت نٿي ڪري سگهان! ميرپور خاص ۾ ماءُ جو ڌيءَ تي تشدد

ميرپورخاص: ميرپورخاص جي سٽلائيٽ ٽائون واري علائقي ۾ ذھني مريض ناري ڪشف کي پنهنجي امڙ شگفتا عرف صدف خان شيخ پاران تشدد ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد بي رحم ماء ۽ متاثر ناري کي پوليس پنهنجي حراست ۾ وٺي وومين پوليس اسٽيشن منتقل ڪري ڇڏيو آھي. وومين پوليس جي انچارج مومل لغاري جو چوڻ آھي متاثر ناري جي امڙ جوچوڻ آھي آئون معذور نياڻي جو خرچ برداشت نٿي ڪري سگهان، ان ڪري ڪنهن اداري حوالي ڪئي وڃي، آئون نياڻي جي ڪري پاڻ ذھني مريض بڻجي وئي آھيان. ھن وقت متاثر ناري ۽ سندس امڙ ٻئي وومين پوليس تي موجود آھن جتي وڌيڪ ان معاملي جي جاچ ھلندڙ آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔