ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن برسات، شهري ٻوڏ جو خطرو

ڪراچي: ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ ۽ تيز هوائن برسات جاري آهي، شهري ٻوڏ جو خطرو به ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪراچي، دادو، بدين، ٺٽو، مٽياري، جاتي، ڦل، جوهي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي. چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سمنڊ ۾ گهٽ هواءَ جو دٻاءُ برقرار آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 3 آڪٽوبر تائين گجگوڙ سان برسات پوندي. ٺٽي جي ضلعي انتظاميه پاران هاءِ الرٽ جاري باوجود گھوڙاٻاري جي جوهو ۽ ڪيٽي بندر جي ڪيترن ئي سامونڊي پٽي وارن ڳوٺن ۾ ڪو به انتظاميه جو نمائندو نه پهتو ، علائقي واسين ۾ تيز طوفاني هوائن جي گھلڻ کانپوءِ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي. سمنڊ ۾ تيز هوائن جي گھلڻ ڪري سمنڊ جي چاڙھ ۾ به اضافو اچڻ سان گڏ سامونڊي ڇوليون جوهو کان جھور ملوڪ شاھ تائين ڪو به بند نه هجڻ ڪري اڳتي وڌڻ لڳيون. ڦل شهر ۾ تيز برسات جي وسڪاري بعد بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، ڪپهه، ڪمند ۽ ڀاڄين کي نقصان جو خدشو آهي. جاتي جي سامونڊي پٽي سميت شهر ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ تيز هوائن جو سلسلو جاري آهي، طوفاني هوائن ۽ برسات هجڻ سبب بجلي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان غائب آهي، موبائل فون نيٽورڪ به معطل ٿيڻ لڳا. پڊعيدن ۽ آس پاس چيھو، پيرصادق، اسٽيشن، رائنڪون ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي جڏهن ته بجلي جي فراهمي معطل آهي. دريا خان مري ۽ آسپاس جي علائقن منگيا موري، تيتري چاناري، ڳوٺ عطا محمد لاشاري سميت ٻين علائقن م تيز برسات جو وسڪارو، برسات سبب ووئڻن، ترن ۽ سارين جي تيار ٿيل فصل کي سخت نقصان جو خدشو ي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔