آءِ بي اي سکر پاران پيپرن جي ڪيز جي حوالي سان آيل غلطين جي نشاندهي تي ڪاميٽي قائم

سکر ؛ آءِ بي اي سکر پاران استادن جي ڀرتين دوران پيپرن جي ڪيز جي حوالي سان آيل غلطين جي نشاندهي تي ڪاميٽي جوڙي ورتي. مختلف سينٽرن تي ٿيل امتحانن ۾ ٽن ڏينهن دوارن غلطين جون سنڌي، اردو، اسلاميات، ڪمپيوٽر سائنس ۽ حسابن وارن مضمونن بابت 43 غلطين هجڻ جون شڪايتون ڪيون ويون. آءِ بي اي عملدارن جو چوڻ آهي ته اسان اڄ رزلٽ مڪمل ترتيب ڏئي ڇڏيو آھي، تعليم کاتي جي هدايتن جو انتظار آھي، جيئن هنن چيو رزلٽ اپ لوڊ ٿي ويندو،اسان انفرادي طور هرهڪ اميدوار کي پورٽل تي رزلٽ ڏئي چڪا آھيون. ڪيز ۾ غلطيون سامهون آيون ته انهن اميدوارن جي نتيجن تي نظر ثاني ڪئي ويندي جن جو انهن مارڪن سان نتيجا متاثر ٿيا آھن. استادن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ وٺندڙ آءِ بي اي به هر پيپر تي 45 مارڪن وارو شرط ختم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آھي، پي ايس ٽي جا نتيجا جاري ڪرڻ لاءِ آءِ بي اي کي تعليم کاتي جي هدايتن جو انتظار آھي. آءِ بي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي اجازت بعد استادن جي ڀرتي لاءِ ٿيل ٽيسٽ جا نتيجا جاري ڪيا ويندا، حتمي نتيجا اڄ لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪيا ويندا، آءِ بي اي طرفان هر پيپر تي الڳ مارڪس رکڻ به رڪاوٽ قرار، آءِ بي اي انتظا’ميا جو چوڻ آهي ته هر پيپر تي 45 مارڪس واري رڪاوٽ ختم ٿي ته استادن جون خالي ٿيل 47 هزار سيٽس ڀرجي وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔