نيب چيئرمين جي ملازمت ۾ واڌ بابت اهم اڳڀرائي

ڪراچي؛ نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي ملازمت ۾ واڌ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزارت صدارتي آرڊيننس جي ذريعي نيب چيئرمين کي واڌ ڏيڻ جو مسودو تيار ڪري ورتو، جنهن جو متن وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ اڄ ئي صدر عارف علوي کي پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب مسودو آرڊيننس جي تحت جسٽس جاويد اقبال نئين چيئرمين جي مقرريءَ تائين ڪم ڪندو رهندو، نيب آرڊيننس 1999 جي شق 6 تحت نيب چيئرمين جي مدت ۾ واڌ نٿي ڪري سگهجي. واضح رهي ته حڪومت نيب چيئرمين جي مقرري تي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کان مشاورت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ فواد چوڌري جو چيو هو ته شهباز شريف کان ايندڙ نيب چيئرمين جي باري ۾ پڇڻ جو مقصد جوابدار کان پڇون ته تنهنجي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪير ڪندو.؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔