بحريا ٽائون ڪيس ۾ الزامن جا ثبوت نه ملڻ تي زين شاھ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بحريه ٽائون انتظاميا طرفان داخل ڪيس ۾ الزامن جا ثبوت نه ملڻ تي قومپرست اڳواڻ زين شاهه کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. ملير پوليس جي رپورٽ منظور ڪندي سيد زين شاهه جا رليز آرڊر جاري، ملير پوليس طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته ايف آئي آر نمبر 259 ۾ زين شاهه، خالق جوڻيجو ۽ سجاد چانڊيو مٿان لڳل الزامن جا ثبوت نه مليا آهن. الزامن کان آجو ٿيڻ تي زين شاهه کي آزاد ڪيو وڃي، عدالت جاچ آفيسر کي لاڳاپيل عدالت اي ٽي سي 15 ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔