پاڪستا دوري جي حوالي سان ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ جو بيان سامهون اچي ويو

ڪراچي: پاڪستا دوري جي حوالي سان ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ جو بيان سامهون اچي ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سوڌو ڪنهن به دوري جي ڪمٽمنٽ پورو ڪرڻ جو ارادو آهي. ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته پاڪستان سوڌو ڪنهن به ملڪ جو دورو ڪرڻ جو پلان آهي، اسان جو ارادو آهي ته ٽورز جي ذميواريون پوريون ڪيون. سي اي او ويسٽ انڊزي جاني گريو جو چوڻ آهي ته اسان ماضي جيان ضروري عمل جو جائزو وٺنداسين، ويسٽ انڊيزپليئرز ايسوسي ايشن ۽ رانديگرن سان ڳالهائينداسين. هن چيو ته اسان جي مردن ۽ عورتن جي ٽيم پاڪستان ۾ کيڏي چڪيون آهن، هن وقت اسان جو فوڪس ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آهي. جاني گريو چيو ته اڱاري تي سي اي او پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وسيم خان سان فون تي رابطو ٿيو، گذريل هفتي جي دوران جيڪو ڪجه ٿيو ان تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، مان چيو ته هن حوالي سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي مينز ۽ وومينز ٽيمن جو پاڪستان جو دورون ڪرڻو آهي. واضح رهي ته ويسٽ انڊيز ٽي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز کيڏڻ جي لاءِ پاڪستان اچڻو آهي پر نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ طرفان پنهنجا دورا منسوخ ڪرڻ تي ويسٽ انڊيز جي دوري تي به خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔