نيوزيلينڊ سان آءِ سي سي ۾ ڳالهائينداسين، هي ڪهڙي دنيا ۾ رهي رهيا آهن: رميز راجا

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي طرفان سيريز ملتوي ڪرڻ تي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي. ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ رميز راجا چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي فيصلي سان مايوسي ٿي، مون کي فينز ۽ رانديگرن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿيو. هن چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ واپسي جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو ۽ هن مامري ۾ ڪجهه شيئر نه ڪرڻ به مايوس ڪرڻ جي ڳالهه آهي. رميز راجا چيو آهي ته هاڻي نيوزيلينڊ سان آءِ سي سي ۾ ڳالهائينداسين، نيوزيلينڊ وارا ڪهڙي دنيا ۾ رهي رهيا آهن. ٻئي پاسي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو ته نيوزيلينڊ کي پاڪستان جي ايجنسين تي اعتماد ڪرڻ گهرجي ها، پاڪستان اچڻ کانپوءِ نه کڏڻ افسوسناڪ ڳالهه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔