پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ طرفان بجلي ڪمپنيز جي صارفين سان فراڊ اسڪينڊل تي سخت رد عمل

ڪراچي: پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ طرفان بجلي ڪمپنيز جي صارفين سان فراڊ اسڪينڊل تي سخت رد عمل ڏنو ويو آھي، پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت ۽ نيپرا جي ملي ڀڳت سان بجلي ڪمپنيز عوام کان ڪروڙين رپيا اوڳاڙي رهيون آهن، بجلي جي مد ۾ غريبن کي مليل سبسڊي به پاور ڪمپنيز کڻي وڃن ٿيون. نواز ليگ جي ترجمان مريم اونگزيب چيو ته 8 مهينن دوران 36 ۽ 37 ڏينهن جا بل موڪلڻ ڏينهن ڏٺي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي، مختلف طريقي سان حڪومت کي لٽيو پيو وڃي، عمران خان جي حڪومت ۾ انڌير نگري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔