مهراڻ يونيورسٽي جو شاگرد موهن ميگهواڙ 8 سالن کان گم، عدالت پاران رپورٽ طلب

حيدرآباد: مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد موهن ميگهواڙ جو 8 سال گذرڻ باوجود پتو نه پيو، عدالتي حڪمن ۽ جي آءِ ٽيز جُڙڻ باوجود ڄامشورو پوليس شاگرد جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شاگرد کي کنڀي گُم ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو پيش ٿيا. عدالت پوليس آفيسرز کان پڇاڻو ڪيو ته شاگرد جي گمشدگي کي ايترو عرصو ٿي ويو آهي، پوءِ ته سندس ڏس پتو ناهي مليو، ٻڌايو ته ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ ڊي آءِ جي حيدرآباد چيو ته حيدرآباد ۽ ڄامشورو رينج جي ڪنهن به ٿاڻي تي شاگرد جي گُمشدگي جا طلاع ن مليا آهن، پوءِ به سندس ڳولا جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔