نيب سياستدانن خلاف ته فوري وٺ پڪڙ ڪندو آهي پر ٻيلن جي تباهي تي ڇو خاموش آهي؟:سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر

سکر؛ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو سنڌ ۾ ٻيلا ختم ٿيڻ تي ڪاوڙ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. معزز جج ريمارڪس ڏنا ته افسوس ٿي رهيو آهي ٻيلن کي بچائڻ لاءِ صرف 2 ماڻهو ۽ ٻيلا ختم ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ لشڪر بيٺو آهي. جسٽس امجد علي سهتو چيو ته سنڌ ۾ ٻيلا مڪمل طور تباهه ڪيا ويا، جنهن سبب ماحول ۾ بگاڙ پيدا ٿيو ۽ برساتون نه پيون ٿين، ٻيلي کاتي جي 28 لک ايڪڙ زمين جي ڪهڙي پوزيشن آهي، ڪو ٻڌائڻ وارو ناهي. جسٽس امجد علي سهتو چيو ته سنڌو درياءِ ۾ 2 هزار ايڪڙ ڍنڍ ختم ڪري اتي قبضو ڪيو ويو آهي، ان ڍنڍ تي سائيبيريا کان هزارين پکي ايندا هئا.چيف ڪنزرويٽر سنڌ چيو ته ڍنڍ تان قبضو ختم ڪرايو ويو آهي، جنهن عدالت پڇاڻو ڪيو ته قبضو ڪندڙن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟، عدالت جي سوال تي چيف ڪنزرويٽر جواب نه ڏئي سگهيو. عدالت ڊي جي نيب کي فوري طور طلب ڪري ورتو ۽ حڪم ڏنو ته قبضا ڪندڙن خلاف نيب انڪوائري ڪري، نيب ڇو چپ آهي، سياستدانن خلاف ته فورن ڪارروائي ٿيندي آهي.عدالت چيو ته ڪنهن جي خلاف جاچ کان اڳ ڊيل ٿي ويندي آهي، قبضو ڪرڻ وارا ايترا بااثر ماڻهو آهن جو انهن جي خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي. معزز جج ريمارڪس ڏيندي چيو افسوس آهي ته اڳوڻو چيف ڪنزرويٽر به ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضو ڪري ڪيلن جو باغ لڳائي ڇڏيو.ان موقعي تي اٽارني جنرل سنڌ چيو ته اسان جون جيڪي پاليسيون آهن ان تي عمل ڪرائڻ وارن جي اجازت ڏني وڃي. عدالت چيو ته توهان جون پاليسيون مڪمل ناڪام ٿي چڪيون آهن،توهان کي ٻيلو کاتو ختم ڪرڻو آهي ته نئون قانون آڻيو توهان جي حڪومت به آهي.عدالت چيو ته موجوده ايڪٽ جي تحت اسان ڪيئين اجازت ڏينداسين ته توهان ٻيهر زمين ماڻهن کي ڏيون ۽ ٻيلا ختم ڪيون، جنهن بعد عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 12 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔