ملڪي معيشت ڪمزور آهي، پاڪ فوج ملڪي سرحدن کي محفوظ بڻايو:شھباز شريف

ڪراچي: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته اڄڪلهه سرحدن تي نه پر معاشي جنگيون وڙهيون پيون وڃن، بدقسمتي سان هن وقت ملڪي معيشت ڪمزور آهي، پاڪ فوج ملڪي سرحدن کي محفوظ بڻايو، وطن لاءِ جانين جا نذرانا ڏيندڙ شهيدن کي سلام ۽ ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، ملڪ کي معاشي محاذ تي مضبوط بڻائڻو آهي ته سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو، ملڪ ۾ مهانگائي تباهي ڪري ڇڏي آهي ۽ تباهي جو اهو سلسلو رُڪجڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، مهانگائي جي طوفان کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته اُها موجوده حڪومت کي لوڙهي ڇڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔