اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ملڪ اندر وڳوڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته هي وقت لانگ مارچ جو نه آهي. 

گهرو وزير شيخ رشيد اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪوبه آمريڪي پاڪستان ۾ نه آهي ۽ جيڪي به آيا هئا اهي واپس هليا ويا. اسان جي ادارن جو افغانستان ۾ ڪوبه عمل دخل نه آهي. هن چيو ته قومي مفاهمت ۽ قومي حڪومت ۾ فرق آهي. قومي مفاهمت جي لاءِ اسان تيار آهيون ۽ حڪومت جا دروازي مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ هميشه کليل آهن. هي وقت ملڪ کي اڳيان کڻي وڃڻ جو آهي. وڳوڙ پکيڙڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين.

شيخ رشيد احمد چيو ته قومي حڪومت مسلم ليگ(ن) جو خواب آهي. مسلم ليگ(ن) جو صدر چوي ٿو ته قومي حڪومت ٺاهڻي آهي پر مريم صفدر چوي ٿي ته ڳالهيون ناهن ڪرڻيون پر هڪ وقت اهڙو ايندو جو مخالف ڌر کي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته مخالف ڌر لانگ مارچ ڪرڻ چاهي ٿي ته شوق سان ڪري پر هي وقت لانگ مارچ جو نه آهي. گهرو وزير چيو ته خطي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار سامهون اچي رهيو آهي. اسان امن چاهيون ٿا ۽ افغانستان جي حالتن کان پوءِ وزيراعظم گهرو وزارت کي نيون ذميواريون ڏنيون آهن. هن چيو ته جلد نيشنل ڪرائسز سيل ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون ۽ وزيراعظم جي هدايتن کان پوءِ هاڻ اسلام آباد جي هڪ ڪنڊ به ڪيمرا کان سواءِ نه هوندي. سي ڊي جي نقشن ۾ بدديانتي ڪئي وئي جنهن سبب نالن مٿان قبضا ٿي ويا آهن.

گهرو وزير چيو ته اسلام آباد جي لاءِ هڪ هزار 200 ڪيمرائن جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ هاڻ اسلام آباد پوليس مٿان وڏي ذميواري اچڻ واري آهي. شيخ رشيد احمد سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي تي  ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سيڪيورٽي خدشن سبب  چمن بارڊر کي ڪجهه وقت جي لاءِ بند ڪري سگهون ٿا. ڏوهه معاشي سببن جي ڪري به وڌندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔