سنڌ يونيورسٽي پاران امتحاني فين ۾ معمولي گهٽتائي جو فيصلو

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جي صدارت ھيٺ ڊينز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪاليج سائيڊ جي بي اي، بي ايس سي، بي ڪام (حصو ٻيون) ۽ ايم اي فائنل جي امتحاني فين جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي پاران امتحاني فين ۾ معمولي گهٽتائي ڪندي في الحال پاس سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگري جي في شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وائيس چانسلر ڪورونا وائرس جي صورتحال جي پيش نظر والدين توڙي شاگردن جي سھولت ۽ آساني لاءِ نصابي سرگرمين جي مد ۾ چارج ٿيندڙ ھڪ ھزار رپيا به معاف ڪري ڇڏيا. اجلاس ۾ فين تي نظرثاني بعد بي اي پارٽ ٽو (ايڪسٽرنل فريش) جي امتحاني في 10100 ۽ فيليوئر جي في 7900 مقرر ڪئي وئي. بي اي پاس پارٽ ٽو (ريگيولر فريش) جي امتحاني في 6400 ۽ فيليوئر جي في 5400 مقرر ڪئي وئي. بي ڪام، بي ايس سي، بي ايس سي جون اڪنامڪس پارٽ ٽو فريش شاگردن لاءِ في 6400 ۽ فيليوئرز لاءِ في 5400 مقرر ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔