نيب اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف کي راولپنڊي ميٽرو اسڪينڊل ۾ طلب ڪري ورتو

لاهور: قومي احتساب بيورو(نيب) راولپنڊي ميٽرو اسڪينڊل ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب نيب راولپنڊي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي 24 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي. کيس احسن اقبال جي ڀاءُ مصطفيٰ ڪمال غيرقانوني طور تي ميٽرو بس منصوبي ۾ ڪانٽريڪٽ ڏيڻ تي طلب ڪيو ويو آهي.

ذريعن چيو آهي ته رڪارڊ موجب شهباز شريف جي چوڻ تي احسن اقبال جي ڀاءُ کي ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو ۽ ڪانٽريڪٽ ڏيڻ بابت آر ڊي اي جي فائل ۾ ڪوبه رڪارڊ نه آهي جڏهن ته فائل ۾ صرف ايترو لکيل آهي ته شهباز شريف ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو چيو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪانٽريڪٽ ڏيڻ وقت پيپرا رولز جي به ڀڃڪڙي ڪئي وئي. نيب دعويٰ ڪئي آهي ته شروعاتي جاچ موجب ٺيڪي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ثابت ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔