بختاور ڀٽو پاران عوامي ماڳن تي مردن جي داخلا تي پابندي جو مطالبو!

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڌيءَ بختاور ڀٽو عوامي هنڌ تي مردن جي داخلا تي پابندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ٽويٽر تي هڪ عورت صحافي سبين آغا پاڻ سان ٿيل واقعي بابت ٻڌائيندي لکيو ته ڪئين سال اڳ مزار قائد تي رپورٽنگ دوران 100 کان وڌيڪ مردن ساڻس نامناسب سلوڪ ڪيو. هن چيو ته مان ڪا يوٽيوبر يا ٽڪ ٽاڪر ناهيان پر پوءِ به مون سان اهو واقعو پيش آيو، مون سيڪيورٽي اهلڪارن کي مدد لاءِ چيو ته هنن چيو ته بي بي اسان 4 اهلڪار آهيون ۽ هو 140 آهن، اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟ بختاور ڀٽو انهن ٽويٽس تي رد عمل ڏيندي لکيو ته هي هڪ تڪليف ڏيندڙ واقعو آهي، هجوم کي منتشر ڪرڻ لاءِ هٿيارن جو استعمال ٿي پئي سگهيو. بختاور مطالبو ڪيو ته عوامي ماڳن تي مردن جي داخلا تي پابندي وڌي وڃي ۽ عورتن جي حفاظت لاءِ وڌيڪ عورتن جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔