ڪراچي ۾ زلزلي جا لوڏا، شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

ڪراچي: ڪراچي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ شهري ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا.
ڪراچي ۾ ايندڙ زلزلي جي شدت 3 اعشاريه هڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن  جي گهرائي 15 ڪلو ميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز ڪراچي کان 72 ڪلو ميٽر اتر اوڀر طرف هو. زلزلو 11 لڳي 39 منٽن تي رڪارڊ ڪيو ويو.

زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.  جڏهن ته خوف وچان ماڻهو ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا. واضح رهي ته  ٻه ڏينهن اڳ سوات ۽ ڀرپاسي ۾  به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔