ڪورونا وبا وڌيڪ65مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 3هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ گذريل ڏينهن وڌيڪ 3084 ڄڻا ڪورونا جو شڪار ٿي ويا آهن. جڏهن ته 65 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل ڏينهن  سموري ملڪ ۾ ڪورونا جا 53 هزار 770 ٽيسٽ ڪيا ويا. جن مان 3084 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي. اهڙي طرح  هاڪاري ڪيسز جي شرح 5.73 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾ ڪورونا جا گڏيل ڪيسز 11 لک 19 هزار 970 ٿي ويا آهن جن مان 10 لک 6 هزار 78 ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن.

گذريل ڏنهن سموري ملڪ ۾ ڪورونا جا 65 گڏيل مريض فوت ٿي ويا آهن. اهڙي طرح وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل انگ 24 هزار 848 ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 89 هزار 44 آهي جيڪي پنهنجي گهرن، خصوصي مرڪزن يا اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن ان مان 5 هزار 151 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔