سنڌ حڪومت اسڪولن کان پوءِ يونيورسٽيون به هڪ هفتو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪورونا جي صورتحال سبب سموريون يونيورسٽيون وڌيڪ هڪ هفتي جي لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ان حوالي سان صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ صوبي جون سموريون يونيورسٽيون ۽ بورڊز 30 آگسٽ کان کلندا. شاگردن ۽ استادن کي 30 آگسٽ کان پهرين ويڪسين ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سموري سنڌ جا اسڪول وڌيڪ هڪ هفتو بند رکڻ رکڻ جو اعلان ڪيو هو. وڏي وزير چيو هو ته سموري صوبي ۾ تعليمي ادارا 30 آگسٽ کان کلندا. هڪ هفتي ۾ والدين، استاد ۽ اسٽاف ويڪسين لڳرائين.

مراد علي شاهه چيو ته تعليمي ادارن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ استاد شاگرد ۽ والدين کي ڪورونا سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻا پوندا۔

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔