خوراڪ جي کوٽ، مٺي ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت، انگ 374 ٿي ويو

مٺي: سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ چار مائرن جون هنجون خالي ٿي ويون، سول اسپتال مٺي م خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻار فوت ٿي ويا.فوت ٿيندڙ ٻارن ۾ الله ڏنو، شنڪر، ستار ۽ پنجو جو تازو ڄاول ٻار شامل آهي، هلندڙ مھيني فوتي ٻارڙن جو انگ 34 ٿي ويو، جڏهن ته هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو مجموعي انگ 374 ٿي ويو .ٻارڙن جي موت واري واقعن جو سنڌ حڪومت نوٽيس نه ورتو، جڏهن ته ٿرپارڪر جي هيڊڪوارٽر واري شهر مٺي جي سول اسپتال ۽ ٿرپارڪر جي مختلف علائقن جي اسپتالن ۾ دوائن جي اڻهوند سبب مريض سخت پريشان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔