وڏي وزير لاءِ ٽنهي آپشنز تي مراد علي شاهه آهي: پ پ چيئرمين

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير صرف مراد علي شاهه ئي رهندو، اڳ به چيو اٿم ته مون وٽ وڏي وزير لاءِ ٽي آپشن آهن، پهريون مراد علي شاهه، ٻيو مراد شاھ، ٽيون به مراد علي شاهه آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيف جسٽس سنڌ جي بي عزتي ڪئي پئي وڃي، سٺي ڳالھه ناهي، نه ڪرڻ گهرجي، خراب تاثر پيو نڪري، پاڪستان جي عدليا کي تڪراري نه بڻايو وڃي، لا منسٽر غلط فيصلا نه ڪري.هن چيو ته عمران خان جو حڪومت رڳو سنڌ نه پر سڀني صوبن سان نا انصافي پئي ڪري، افغان پناهگيرن جي آمد جي معاملي تي سنڌ جا خدشاجائز آهن وفاق اهڙا اپاء نه وٺي جنهن سان مسئلا نه ٿين، سنڌ سرڪار ان حوالي سان اپاء وٺندي. سنڌ جي پوري عدالتي نظام جي بيعزتي ڪئي وئي آهي رڳو اڪيلي چيف جسٽس جي نه!

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔