افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول جي ٻن ڏينهن بعد ڪابل جي روڊن تي عام زندگي معمول تي اچڻ لڳي

ڪابل: افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول جَي ٻن ڏينهن بعد ڪابل جي روڊن تي عام زندگي معمول تي اچڻ لڳي، افغان ٽريفڪ پوليس جي عملدارن ذميواريون سنڀالي ورتيون، افغان ميڊيا موجب ڪابل ۾ محرم الحرام جي مجلسن ۽ جلوسن جي به اجازت ڏني وئي آهي، جڏھن تھ ڪابل ايئرپورٽ تي فلائٽ آپريشن بحال، امريڪي مريض کي کڻي هڪ جهاز ڪابل ايئرپورٽ پهتو، پينٽاگون جَي ترجمان جو چوڻ آهي ته امريڪي سفارتخاني جا اهلڪار ڪابل ڇڏي ناهن ويا، ملڪ ڇڏيندڙ ماڻهن جي مدد ڪئي پئي وڃي، برطانيا طرفان وڌيڪ 200 فوجي افغانستان موڪلڻ جو فيصلو، ڀارت جو 120 رڪني سفارتي عملو ڪابل مان پنهنجي ملڪ واپس هليو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔