چيف جسٽس احمد علي شيخ ايڊھاڪ جج طور حلف کڻڻ اسلام آباد نه ويو

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سپريم ڪورٽ جَي ايڊهاڪ جج طور حلف کڻڻ کي قانون جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس احمد علي شيخ اسلام آباد وڃڻ بدران سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، چيف جسٽس احمد علي شيخ حلف کڻڻ لاءِ اسلام آباد نه ويو، کيس اڄ صبح 9 وڳي ايڊهاڪ جج طور حلف کڻڻو هو، چيف جسٽس احمد علي شيخ سپريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج طور حلف کڻن کان انڪار ڪيو هو، سپريم ڪورٽ ۾ سينيارٽي اصولن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نواب شاهه، ميرپورخاص، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔