افغانستان ڇڏڻ جي خواھش رکندڙ 3 ڄڻا جھاز تان ڪري فوت

ڪراچي: ڪابل ايئرپورٽ تان ملندڙ تازي معلومات موجب گھٽ ۾ گھٽ ٽي ماڻھو آمريڪي جھاز تي لٽڪي فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران جھاز تان ڪري فوت ٿي ويا، مقامي ميڊيا موجب وڊيوز ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ سوين ماڻھو ڪابل ايئرپورٽ تان اڏامندڙ آمريڪي 17 جھاز سان گڏ ڀڄي رھيا آھن ۽ ان ۾ چڙھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، ٽي ماڻھو جھاز تان ڪري فوت ٿي ويا. جڏھن تھ طالبان جي ڪابل تي قبضي بعد چين چيو آھي تھ ھو افغانستان سان دوستي ۽ گڏيل سھڪار وڌائڻ چاھيون ٿا، افغانستان ۾ سفارتخانو کليل رھندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔