ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ ٻاهتر مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 72 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 24 هزار 478 ٿي ويو آهي.پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل ڪيسز جو انگ 11 لک 10 هزار 79 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل ڏينهن ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 53 هزار 644 ٽيسٽ ڪيا ويا. 3 هزار 669 مريضن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي. ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي گڏيل ڪيسز جي شرح 6.8 سيڪڙو رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔