مولانا فضل الرحمان جي افغان طالبان کي ڪاميابي تي مبارڪباد، تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو

اسلام آباد: جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان افغان طالبان کي ان جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هر قسم جي تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.جي يو آءِ(ف) طرفان جاري ڪيل بيان موجب مولانا فضل الرحمان افغانستان ۾ تحريڪ اسلامي طالبان افغانستان جي 20 ساله ڊگهي جدوجهد جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي کيس هر قسم جي تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته تحريڪ اسلامي طالبان جي امير مولوي بيبت الله ۽ ان جي سمورين ڌرين کي ان عظيم ڪاميابي تي ڪامياب پيش ڪريون ٿا. جمعيت پهرين ڏينهن کان آمريڪا ۽ نيٽو فوج جي افغانستان مٿان حملي جي جارحيت ۽ تجويزون جڏهن ته طالبان جي مزاحمت جو جائز دفاع قرار ڏنو هو. مخلصاڻين قربانين کان پوءِ رب پاڪ جي مدد ۽ تائيد سان پنهنجي ملڪ افغانستان کي عالمي طاقتن کان آزاد ڪرايو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔