ايف آءِ اي ڪيس: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانتن ۾ چار سيپٽمبر تائين واڌ

لاهور: لاهور جي بينڪنگ عدالت ايف آءِ اي جي ڪيس ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانتن ۾ 4 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. جڏهن ته احتساب عدالت ٻنهي اڳواڻن جي نيب جي 3 مختلف ريفرنسز ۾ ڪارروائي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف ايف آءِ اي ۽ نيب ريفنرسز تي ٻڌڻي ٿي ايف آءِ اي جي ڪيس ۾ عبوري ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز بينڪنگ عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيلن استدعا ڪئي ته سينئر وڪيل امجد پرويز موجود نه آهي ان لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس سبب ڪيس جي ڊگهي تاريخ ڏني وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانتن ۾ 4 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔