آمريڪا پاران وڌيڪ هڪ هزار فوجي افغانستان موڪلڻ جو اعلان

ڪراچي : آمريڪي صدر ڪابل مان عملي کي ڪڍڻ جي لاءِ وڌيڪ هڪ هزار فوجي موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي، آمريڪي دفاع واري کاتي پينٽاگون جو چوڻ آهي ته صدر جوبائيڊن آمريڪي ۽ افغان شهرين جي واپسي جي لاءِ وڌيڪ هڪ هزار فوجي اهلڪار موڪلڻ جي منظوري ڏني ۽ مجموعي طور تي 6 هزار امريڪي فوجي اهلڪار افغانستان موڪليا ويندا، افغانستان مان محفوظ جڳه تي منتقل ٿيڻ وارن کي ايئرپورٽ تي گڏ ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي امريڪي دفاع واري وزارت گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪاب ايئر پورٽ کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش جاري آهن، امريڪي ۽ اتحادي عسڪري ۽ سول عملي کي حفاظت سان ڪڍڻ چاهيون ٿا، آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته 48 ڪلاڪن ۾ 6 هزار آمريڪي فوجي مقرر ڪيا ويندا، افغانستان جو ائير ٽريفڪ ڪنٽرول به سنڀاليو ويندو، جڏهن ته افغانستان ۾ آمريڪي شهرين ۽ افغان اسٽاف جي فيمليز سوڌو ملڪ مان ڪڍيو ويندو، آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي ڪليئرنس ۽ خصوصي ويزا وارن شهرين کي به جلد ڪڍيو ويندو ۽ انهن سڀني کي آمريڪا منتقل ڪيو ويندو، آمريڪي پرڏيهي کاتي اتحادين جي طرفان صحيح ڪيل جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان مان ويندڙ خواهش مند افغانين ۽ پرڏيهين کي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ انساني زندگي جي تحفظ جي ذميوار ۽ جواب ڏيڻ وارا افغانستان ۾ طاقتور اختيار رکڻ وارا هوندا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔