ٽنڊو محمد خان جي ماسترياڻي پاران تعليم کاتي جي آفيس سپرنٽينڊنٽ تي هراسمنٽ جو الزام

ڪراچي: ٽنڊو محمد خان جي ماسترياڻي پاران تعليم کاتي جي آفيس سپرنٽينڊنٽ تي هراسمنٽ جو الزام ھنيو ويو آھي، ماسترياڻي جي فرياد تي ٽنڊو محمد خان پوليس سپرنٽينڊنٽ اشتياق احمد خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، عورت الزام ھنيو تھ آفيس سپرنٽينڊنٽ جنسي طور هراسان ڪيو ۽ ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرائي بدنام ڪري رهيو آهي، ماسترياڻي چيو تھ 15جون تي جوابدار منهنجون اعتراض جوڳيون تصويرون وائرل ڪيون، ڪارروائي ڪئي وڃي.، مون کي ڌمڪيون ڏنيون آھن، حياتي کي خطرو آھي، شڪايتن باوجود ازالو ناھي ٿيو. ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي ناري چيو تھ مون کي انصاف گھرجي، ھھڙن ماڻھن کي آفيسن ۾ ھجڻ ئي نھ گھرجي، ھڪ ڪلاڪ اندر مون کي جوابدار گرفتار گھرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔