ملڪ ۾ هڪ ڏينهن اندر 10 لک کان وڌيڪ ڪورونا وئڪسين لڳائڻ جو رڪارڊ قائم

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وئڪسين لڳائڻ جو نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو، اين سي اوسي موجب گذريل ڏينهن 10 لک 72 هزار 342 شهرين کي وئڪسين لڳائي وئي، هيل تائين 3 ڪروڙ 19 لک ماڻهن کي ڪورونا وئڪسين لڳي چڪي آھي، ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ اين سي او سي جي سربراھ اسد عمر ٻڌايو تھ گذريل ڏينھن 10 لک 72 ھزار 342 ماڻھن کي ويڪسين لڳائي وئي، ھن ٻڌايو تھ اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ شھرين کي ڪورونا جي ويڪسينيشن مڪمل ٿي چڪي آھي، اسلام آباد پاڪستان جو پھريون شھر جتي ويڪسين مھم تيزي سان جاري آھي، جڏھن تھ پنجاب، سنڌ ۽ ڪي پي ۾ رڪارڊ ويڪسين لڳائي وئي آحي. اسد عمر موجب پشاور، راولپنڊي ۾ 35، 35 سيڪڙو، فيصل آباد ۾ 28 سيڪڙو ۽ ڪراچي ۾ 26 سيڪڙو شھرين کي ويڪسين لڳي چڪي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔