ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ وئڪسين لاءِ ايندڙ شهري مڇرجي پيا، ڇڪتاڻ، ڪيترائي زخمي

ڪراچي: ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ شهرين جو وڏو انگ وئڪسين ڪرائڻ لاءِ پهچي ويو، وئڪسين ۾ دير تي شهرين ۽ انتظاميا ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ان دوران مڇريل ماڻهن ايڪسپو سينٽر جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، سيڪيورٽي اهلڪارن سوڌو ڪيترائي شهري زخمي ٿي پيا، شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بيٺا آهيون ويڪسين نٿي لڳائي وڃي، جڏهن ته انتظاميه جو چوڻ آهي ته رش وڌيڪ هجڻ ڪري وقت ٿو لڳي، شهري صبر کان ڪم نٿا وٺن. ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ فوري طوري پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔