ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو سينيٽر طاهر مشهدي پ پ ۾ شامل

ڪراچي : پ پ ايم ڪيو ايم جي هڪ وڌيڪ وڪيٽ ڪيرائي ڇڏي، ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو سينيٽر طاهر مشهدي پ پ ۾ شامل ٿي ويو، پ پ اڳواڻ نثار احمد کھڙو سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سينيٽر طاھر مشھدي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
ان موقعي تي نثار کهڙي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ غير آئيني طريقو استعمال ڪرڻ جي سوچ ختم ڪري، سنڌ کي ڌمڪيون نه ڏنيون وڃن، اسان اهڙين ڌمڪين کان نٿا ڊڄون، پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ ۾ گورنر راڄ نٿا لڳائي سگهي، ڪراچي جي ضمني چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي عوام جو پ پ مٿان اعتماد جو اظهار آهي. طاهر مشهدي جو چوڻ هو ته سوچي سمجهي پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهيان، پ پ ئي پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ واري جماعت آهي، سڀني کي پ پ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔