سنڌ ۾ سڀاڻي کان 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ سنڌ ۾ سڀاڻي کان 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير جو چوڻ آهي ته جيڪو سرڪار ملازم 31 آگسٽ تائين ويڪسين نه ڪرائيندو تنهن کي پگهار نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايڪسپورٽ انڊسٽري کليل رهندي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايندڙ هفتي کان سرڪاري آفيسون به بند ڪنداسين، انٽر سٽي ٽرانسپورٽ به بند هوندي، فارميسي کليل رهندي، سڀئي بازارون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته روڊ تي ايندڙ شهرين جا ويڪسينيشن ڪارڊ چيڪ ڪيا ويندا. اپوزيشن جي سمورن ايم پي ايز ، ڪاروباري حضرات ۽ ڊاڪٽرن سنڌ حڪومت جي فيصلي جي حمايت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔