آمريڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي خبردار ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي. ڀارت جي دوري تي ويل آمريڪي پرڏيهي وزير انتهوني بلنڪن مودي حڪومت کي تبيهه ڪندي چيو آهي ته هو جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ کان پاسو ڪري.بلنڪن ڀارتي سول سوسائٽي جي اڳواڻن تي زور ڏنو ته هو مودي حڪومت تي انساني حقن جي پاسداري لاءِ دٻاءُ وجهن. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو آهي ته سمورن ماڻهن کي احتجاج جو حق حاصل آهي پوءِ چاهي ان جو تعلق ڪنهن به مذهب يا فرقي سان هجي اسان کي سڀني جو احترام ڪرڻ گهرجي.ان حوالي سان جرمني جي اخبار لکيو آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير ڀارت کي وارننگ اهڙي موقعي تي ڏني وئي آهي جڏهن ڀارتي حڪومت پنهنجي مسلمان اقليتن جي خلاف سرگرم آهي ۽ کين دٻائڻ تي انهن کي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔