جنسي زيادتي تي وزيراعظم جو بيان، ماهره خان جو رد عمل سامهون اچي ويو

لاهور: مشهور پاڪستاني اداڪاره ماهره خان وزيراعظم عمران خان جي جنسي زيادتي بابت ڏنل بيان تي رد عمل ڏيندي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي.سوشل ميڊيا جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ خوبصورت اداڪاره چيو ته جنسي زيادتي بابت وزيراعظم جو بيان(زوردار ۽ زبردست) آهي هن پنهنجي ٽوئٽ ۾ هٿ جي ايموجيزٽيگ ڪري وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو آهي.ياد رهي ته وزيراعظم جي تازي بيان تي پاڪستان ۾ هزارين ماڻهن سوشل ميڊيا تي ان جي تعريف ڪئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي خابرو اداري سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو هو ته عورتن سان زيادتي ڪندڙ ڏوهه جو پاڻ اڪيلو ئي ذميوار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔