وفاقي ڪابينا جا 44 سيڪڙو ميمبر اڻ چونڊيل آهن:محمد زبير

ڪراچي: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته ارباب غلام رحيم وفاقي ڪابينا جو 53هون ميمبر بڻجي ويو آهي، وفاقي ڪابينا جا 44 سيڪڙو ميمبر اڻ چونڊيل آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري بيان ۾ محمد زبير چيو ته ارباب غلام رحيم وفاقي ڪابينا جو 53هون ميمبر بڻجي ويو آهي، هي شايد اسان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪابينا آهي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جا 44 سيڪڙو ميمبر اڻ چونڊيل آهن، هي به تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔