بنيادي شين جي اگهن ۾ واڌ واپس ورتي وڃي: شيري رحمان

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان يوٽيلٽي اسٽورز تي بنيادي شين جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ تازي واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شيري رحمان چيو ته اٽو ساڍا 7 رپيا، کنڊ 17 رپيا ۽ گيهه 90 رپيا في ڪلو مهانگو ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ 68 رپين بدران 85 رپيا في ڪلو موجود هوندو. پ پ اڳواڻ چيو ته اِها اُها مهانگائي آهي جيڪا وزير اعظم ۽ ڪابينا ميمبرن جي مرضي سان ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔